سنبوهي سانڀوئي

سنبوهي/ سانڀوئي: سنبوهي/ سانڀوئيءَ جي ذريعي ميربحر پلي جو شڪار ڪندا آهن. ’سنبوهي‘، ’سنڀئي‘ يا ’سانڀوئي‘ ڪاٺين جي ڄار کي چئبو آهي. هڪ ڪاٺي ، جنهن جي هڪ پاسي کان ٻيانيءَ وانگر ٻيڙ ٿيندو آهي. مهاڻا ان ٻيڙ ۾ هڪ ڄاريءَ جي ڳوٿري ٻڌندا آهن، جيڪا جھول ڪري بيهندي آهي. پوءِ اُهي تنبو يا سوڙهي منهن واري وڏي چاڏي ۽ سوئو کڻي درياهه ۾ گھڙي پوندا آهن. سنبوهيءَ جو ٻڇانگو پاسو درياهه ۾ اونهو ڇڏيندا آهن ۽ ان ڄار جي ڏور آڱر ۾ ويڙهي پيٽ هيٺان تنبي يا چاڏي ڏئي لڙهندا ويندا آهن، جتي کين پلو سجهندو آهي ته اتي رڳو ڏور کي ڇڪ ڏيندا آهن ته پلو وڃي سنبوهيءَ واري ڄار ۾ پوندو آهي، پوءِ مهاڻو لڙهندي ئي ان سنبوهيءَ مان پاڻي ڪڍي، پلي کي قابو جھلي، سوئو هڻي ڏور ۾ لڙڪائي ڇڏيندو آهي يا وري چاڏيءَ ۾ وجھي ڇڏيندو آهي ۽ وري سنبوهيءَ کي پاڻيءَ ۾ وجھندو آهي. اهڙيءَ ريت ملاح پلي جو شڪار ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو